قمر ڪوهستاني

قمر ڪوهستاني

قمر ڪوهستاني

قمر ڪوهستاني: طنز و مزاح جي مشھور شاعر قمر ڪوهستاني جو اصل نالو قمر الدين ولد محمد خان خاصخيلي آهي. سندس جنم 1935ع ۾ ٿاڻي بولاخان شھر، ضلعي ڄامشوري ۾ ٿيو. هن مزاحيه شاعر جي حيثيت ۾ ڪوهستان جي مسئلن جي نشاندهي ڪئي. بنيادي طور تي پرائمري استاد ۽ پوءِ سپروائيزر ٿيو. هن ڪجهه عرصو ’بادل‘ رسالي ۾ مزاحيه صفحي جي انچارج طور ڪم ڪيو. اسٽيج تي عوامي ميڙاڪن ۾ پنھنجي شعر وسيلي اصلاحي تنقيد ڪندو هو. سندس مزاحيه شاعريءَ جو ڪتاب ’محبتون ۽ مرڪون‘، سندس وفات کان پوءِ 2017ع ۾ شيخ عبدالله ڪوهستاني جي ترتيب ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. 22 فيبروري 2012ع تي ٿاڻي بولا خان ۾ وفات ڪئي.


لفظ قمر ڪوهستانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو